ڊالٽن رٿ موجب تعليم

ڊالٽن رٿ موجب تعليم

ڊالٽن رٿ موجب تعليم

ڊالٽن رٿ موجب تعليم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پارڪهرسٽ جي مشهور ڪتاب ‘Education on the Dalton Plan’ جي آڌار تي لکيل آهي. ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي آهي. هن ڪتاب ۾ نون ورهين جي عمر کان وٺي شاگردن کي پنهنجو ڪم پاڻ پوري ڪرڻ جي سکيا ڏني وئي آهي. ڪتاب تي ڇپائيءَ جو سال ڄاڻايل نه آهي. پر مصنف طرفان لکيل ڀومڪا (پيش لفظ) ۾ تاريخ 08 مئي 1929ع لکيل آهي. ان حساب سان هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سال 1929ع ٿيندو.
هيءُ ڪتاب بلوٽسڪي پريس حيدرآباد، سنڌ ۾ ڇپيو. ڪرائون سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 1 پئسو ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو